لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ غيرقانوني طور والاريل اولهه ڪناري ۾ قائم اسرائيلي آبادين مان ايندڙ شين جي درآمد تي پابندي سميت ڪيترن ئي قدمن جو اعلان ڪيو آهي.
اڱاري ڏينهن برطانوي پارليامينٽ ۾ خطاب ڪندي ملي بينڊ چيو ته کيس نٿو لڳي ته برطانوي عوام اهو چاهي ٿو ته برطانيا جي دڪانن ۾ آبادين مان ايندڙ شين جي اجازت ڏئي والار جي حمايت ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته هڪ گڏيل پابندين وارو نظام قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ مناسب مذهبي ڇوٽ“پڻ شامل هوندا.
غيرقانوني آبادين کي سهولت فراهم ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي ملي بينڊ چيو ته کين برطانيا جي سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.
هن پارليامينٽ ميمبرن کي ٻڌايو ته برطانيا ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته اولهه ڪناري جي ڪجهه علائقن ۾ سڃاڻپ جي بنياد تي نسلي صفائي ٿي رهي آهي.
ملي بينڊ چيو ته برطانوي حڪومت جي نظر ۾ اولهه ڪناري تي اسرائيلي والار ”غيرقانوني“ آهي.
هن برطانيا ۾ اولهه ڪناري جي غيرقانوني اسرائيلي آبادين جي اشتهارن تي پابندي لڳائڻ جو پڻ اعلان ڪيو.
پرڏيهي وزير چيو ته پابندين وارو نظام غيرقانوني آبادين ۽ انهن جي توسيع کي نشانو بڻائيندو، اسرائيل کي نه.
ملي بينڊ وڌيڪ چيو ته برطانيا انهن ”انتها پسند آبادڪارن“ تي به پابنديون لاڳو ڪري رهيو آهي، جن فلسطيني برادرين خلاف تشدد جي ڪاررواين جي حمايت ڪئي يا انهن کي هٿي ڏني.
اولهه ڪناري تي اسرائيلي والار غيرقانوني قرار، برطانيا جون تشدد ڪندڙ آبادڪارن خلاف به سخت پابنديون
You might also like