ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي طرفان منظور ڪيل تاريخي ٺهراءَ ”سنڌ هڪ آهي“ جو مسودو ايوانِ صدر، وزيراعظم سيڪريٽريٽ، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ڏانهن رسمي طور موڪليو ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان اهو مسودو صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽرين ڏانهن پڻ موڪليو ويو آهي.
موڪليل خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي.
قانوني ۽ آئيني قاعدن ۽ ضابطن تحت سمورن لاڳاپيل وفاقي ادارن ۽ اختيارين لاءِ سنڌ اسيمبلي جي منظور ڪيل قرارداد تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي، جڏهن ته لاڳاپيل اختيارين کي 30 ڏينهن اندر پنهنجو رسمي جواب جمع ڪرائڻو پوندو.
جيڪڏهن مقرر مدي اندر ٺهراءُ تي عملدرآمد نه ٿيو يا ڪو جواب نه مليو ته سنڌ اسيمبلي ۾ لاڳاپيل اختيارين خلاف تحريڪِ استحقاق پيش ڪري سگهجي ٿي.
آئيني ضابطن موجب، سنڌ اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي کي مڪمل اختيار حاصل آهي ته اها عملدرآمد نه ڪندڙ لاڳاپيل اختيارين ۽ آفيسرن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري کانئن جواب طلب ڪري سگهي ٿي.
”سنڌ هڪ آهي، هڪ ئي رهندي“سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءُ ايوانِ صدر ۽ وفاقي ادارن ڏانهن موڪليو ويو
You might also like