تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته آمريڪي پاڻ کان پڇن ته اوهان جي زندگين ۽ اوهان جي ٽيڪسن سان ڪنهن ٻئي جي جنگ ڇو وڙهي وڃي؟
هڪ بيان ۾ هن چيو ته اوهان جي پٽن ۽ ڌيئرن کي وڙهڻ ۽ جان ڏيڻ جي بدلي قرض معافي جي آڇ ڇو ڪئي وڃي؟ آمريڪي اهڙي جنگ ڇو وڙهن، جيڪا اسرائيل جاري رکڻ ۽ وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو؟
اسماعيل بقائي جو چوڻ آهي ته ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته هو اوهان کي اهڙي جنگ ۾ گهلي وڃي، جيڪا اوهان جي چونڊ ناهي. ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته هو اوهان کي توپ جو چارو بڻائي ۽ جنگ جو مالي بار به اوهان تي وجهي.
هن چيو ته ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته هو اوهان جي ٻارن کي پنهنجي غيرقانوني ۽ من پسند جنگ لاءِ استعمال ڪري، ڪنهن کي به اجازت نه ڏيو ته هو اوهان جي ٻارن کي اجرتي ويڙهاڪ بڻائي.