جمنائي ۽ ٻين ماڊلز جا ڪارناما اڌ به نه! چيٽ جِي پِي ٽِي جديد ترين ماڊل ”آسٽرا“ متعارف ڪرائي ڇڏيو

اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي جو جديد ترين ماڊل جي پي ٽي-6 (جنهن کي ’آسٽرا‘ نالو ڏنو ويو آهي) متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن ڪمپني موجب ماڊل هڪ مهينو اڳ آزمائش دوران غير امڪاني رويو اختيار ڪيو هو.

اوپن اي آءِ جي دعويٰ آهي ته آسٽرا ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان اينٿروپڪ جي ڪلائوڊ ۽ گوگل جي جيمِنائي سميت ٻين وڏن اي آءِ ماڊلز کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

ڪمپني پنهنجي بلاگ ۾ چيو آهي ته آسٽرا ڪمپيوٽر جي استعمال، ويب برائوزنگ، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، سائبر سيڪيورٽي، سائنسي تحقيق ۽ پيشيوراڻن ڪمن ۾ جديد ترين ڪارڪردگي پيش ڪري ٿو.

اوپن اي آءِ موجب نئون ماڊل ڪمپيوٽر ۽ برائوزر جي استعمال ۾ به نئين سطح قائم ڪري ٿو ۽ پيچيده پيشيوراڻن ڪمن کي وڌيڪ رفتار، درستگي ۽ بهتر فيصلا سازيءَ سان انجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

آسٽرا جي هڪ مظاهري ۾ ڏيکاريو ويو ته ماڊل هڪ ئي وقت واهپيدار جي مختلف درخواستن تي ڪم ڪندي منجهيل ڪم به انجام ڏئي سگهي ٿو، جن ۾ قانوني معاهدو تيار ڪرڻ ۽ وڊيو گيم ٺاهڻ شامل آهن.

اوپن اي آءِ جو چوڻ آهي ته آسٽرا کي اهڙي نموني تيار ڪيو ويو آهي، جو اهو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڪمن کي سنڀالي سگهي ۽ ڏکين نوعيت جي ڪمن ۾ انسانن جي مدد کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهي.

You might also like