ايم ڪيو ايم سنڌ ورهائڻ نٿي چاهي، باقي انتظامي يونٽ ٺهندا رهندا آهن اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي: نثار کهڙو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي نون صوبن/انتظاميا يونٽن بابت انوکي منتق وارو بيان ڏنو آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ اسيمبلي جي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم وارا سنڌ جي ورهاست واري ڳالهه تان ئي ڦري ويا.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست نٿي چاهي. اها سنڌ ورهائڻ واري مطالبي تان ڦري وئي آهي.

نثار کهڙي موقف کي بي وزنو ڪري وڏي ڳالهه ڪري وڃڻ وارو انداز اختيار ڪندي چيو ته باقي انتظاميا يونٽ، انتظاميا يونٽ ٺهندا رهندا آهن، اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي.

You might also like