”چار نوان صوبا ٺهي سگهن ٿا“ حامد مير ملڪ جا اٺ صوبا ڪرڻ جو فارمولو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نامياري صحافي حامد مير چيو آهي ته جٿي صوبا ٺهي سگهن ٿا ته اتي ته ٺاهيو، پوءِ وڌيڪ صوبن تي بحث ڪري سگهجي ٿو.

حامد مير پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هن نئين صوبن جي هلندڙ بحث بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

حامد مير ايڪسڪليوزو تي جاري ڪيل وڊيو ۾ هن چيو آهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن يا نه ٺهڻ گهرجن ان سلسلي ۾ مختلف رايا آهن، جيڪڏهن نوان صوبا ٺاهڻ ضروري آهي ته بحث اهو ٿيڻ گهرجي ته نوان صوبا ڪيئن ٺاهجن؟ ظاهري ڳالهه آهي آئيني طريقي سان ئي صوبا ٺاهي سگهجن ٿا، ڇو ته جيڪو به رستو نڪرڻو آهي اهو آئين مان ئي نڪرڻو آهي.

جاري وڊيو ۾ حامد مير چئي رهيو آهي ته مون نون صوبن جي حوالي سان مختلف آئيني ماهرن کان ڄاڻ ورتي آهي، انهن آئيني ماهرن ۾ پيپلزپارٽي جا آئيني ماهر، مسلم ليگ نون جا آئيني ماهر، پي ٽي آءِ جا آئيني ماهر توڙي ٻيا اهڙا ڪيترائي آئيني ماهر به شامل آهن جن جو تعلق ڪنهن به سياسي پارٽي سان ناهي.

هن چيو ته ڪجهه آئيني ماهر ان ڳالهه تي اتفاق رکن ٿا ته 1973 جي آرٽيڪل 239 جي جيڪا سب ڪلاس 4 آهي ان جي تحت نوان صوبا ٺهي سگهن ٿا ۽ جڏهن ڪا صوبائي اسيمبلي هڪ ڀاڳي ٽي جي اڪثريت سان ڪنهن نئين صوبي جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿي ته اتي صوبو ٺهي سگهي ٿو. هي اُهي ماهر آهن جيڪي آئيني ماهر گهٽ پر سياستدان وڌيڪ آهن.

حامد مير چيو ته جيڪي آئيني ماهر آهن انهن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 239 جي جيڪا سب ڪلاس 4 آهي، جيڪا پاڪستان جي اصل آئين ۾ سب ڪلاس 7 هئي، پر هاڻي اها 4 آهي، اها سب ڪلاس 4 اصل ۾ صوبن جي ميداني حدن ۾ مٽاسٽا جي باري ۾ آهي، اها نوان صوبا ٺاهڻ جي باري ۾ ناهي. ان سب ڪلاس 4 تحت نوان صوبا نٿا ٺاهي سگهجن پر صوبن جون ميداني حدون گهٽائي يا وڌائي سگهجن ٿيون.

صحافي جو چوڻ هو ته ان ڳالهه تي موقف الڳ الڳ آهن، مطلب آئيني ماهر به ان حوالي سان هڪ موقف تي نه پر الڳ الڳ موقف تي آهن.

هن ٻڌايو ته هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر، پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ حامد خان، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني، شهباز شريف جي ويجهي رهندڙ اڳوڻي اٽارني جنرل اشتر اوصاف علي کان ڄاڻ ورتي آهي، انهن ۽ ٻين آئيني ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ جيڪو هڪ ئي رستو آهي اهو صوبن جي حدن کي گهٽ وڌ ڪرڻ جو آهي، نوان صوبا ٺاهڻ جو ناهي.

حامد مير چيو ته تازي صورتحال ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي صوبن جي قيام خلاف قراردار منظور ڪري ڇڏيندي ته اهي سنڌ جي ورهاست قبول نٿا ڪن، ڇو ته انهن وٽ آئيني اڪثريت آهي، ڀلي ڪراچي صوبي جو مطالبو ٿيندو رهي پر سنڌ اسيمبلي مان صوبا نه ٺاهڻ بابت قرارداد منظور ٿي ويندو.

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ته قرارداد منظور ڪري چُڪي آهي ته بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪي پي ڪي اسيمبلي به اها قراردار منظور ڪيو آهي ته هزارا ڊويزن کي به الڳ صوبو بڻايو وڃي ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڪستان جي گهٽ ۾ گهٽ ٻن صوبائي اسيمبلين، ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان قراردار منظور ڪئي آهي ته نوان صوبا ٺهڻ گهرجن، ان جو مطلب اهو ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان ۾ ست اٺ صوبا ته ٺهي ويندا؟

صحافي وضاحت ڪندي چيو ته پنجاب ۾ ٻه نوان صوبا بهاولپور ۽ ڏکڻ پنجاب ٺهي ويندا، ٽيون ڪي پي جو هزارا صوبو ٺهي ويندو ۽ چوٿون صوبو ٺاهڻ به ضروري آهي، جنهن جي تياري به هلي ٿي، اهو آهي اسلام آباد، اسلام آباد کي به صوبو ڪري ڇڏيو.

حامد مير جو چوڻ هو ته اهڙي ريت پاڪستان جي آئين جي حدن ۾ رهندي اسان نوان صوبا ٺاهي سگهون ٿا ۽ ملڪ ۾ صوبن جو انگ چئن مان اٺ ڪري سگهون ٿا. پر پهرين مرحلي ۾ اهو ته ڪيو؟

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن اٺ صوبا ٺهي وڃن ته ٽي چار سالن تائين اهو تجربو حاصل ڪيو، اندازو لڳايو ته اهو تجربو ڪيئن ثابت ٿيو، پوءِ وري آئيني بحث ڪرايو، هر هنڌ ائين ئي ٿيندو آهي، هڪ ڌَڪ ۾ ڪٿي به هر هنڌ صوبا ناهن ٺهيا.

حامد مير جي وڊيو جو مقصد شايد اهو هو ته جتي صوبا ٺهڻ ضروري يا سولا آهن ۽ ٺاهڻ به گهرجن ته پهريون اتي ته ٺاهيو، پوءِ وڌيڪ صوبن جي ڳالهه تي بحث ڪرائي سگهجي ٿو.

You might also like