انتظامي يونٽن جو فيصلو اورنگي ۾ نٿو ٿي سگهي: مرتضيٰ وهاب جا صوبو گهرندڙن کي ٻوري بند لاشن جا طعنا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي ميئر بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي کان بهتر ٻي ڪا جاءِ ناهي، صنعتڪارن کي شهر ۾ زبردستي ڪم ڪرڻ تي مجبور ناهي ڪيو ويو، تنهنڪري صنعتڪارن کي ساڄي کاٻي ڏسڻ بدران پنهنجي رخ کي سڌو رکڻ گهرجي.

هن اهڙو اظهار سومر ڏينهن سائيٽ سپر هاءِ وي ايسوسيئيشن پاران ترقياتي ڪمن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

هن چيو ته انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو فيصلو اورنگي ٽائون ۾ نٿو ٿي سگهي. جيڪي ماڻهو الزام لڳائي رهيا آهن، انهن جي پنهنجي حالت ڇا آهي؟ ڇا اسان ٻيهر ٻوريءَ ۾ بند لاشن وارو دور آڻڻ چاهيون ٿا؟ اسان نٿا چاهيون ته شهر ٻيهر ماضي جهڙو ٿي وڃي ۽ صنعتڪار شهر ڇڏي وڃن.

هن چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ متحد ناهن، اهي شهر کي ڪيئن متحد ڪندا؟ محمد بن قاسم کان وٺي اڄ تائين سڀني جو مفاد ڪراچي سان رهيو آهي، پر پوءِ به چيو وڃي ٿو ته لاهور بهتر آهي.

هن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ اهڙو مثال نٿو ملي، جتي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ صنعتڪارن جي حوالي ڪيا ويا هجن. سنڌ حڪومت پاران ست ٽائون ايسوسيئيشنز کي 9 ارب رپيا هڪ ئي ڀيري ڏنا ويا آهن.

هن چيو ته 15 ڊسمبر کان اڳ سائيٽ سپر هاءِ وي جا ترقياتي ڪم مڪمل ڪيا ويندا. سائيٽ سپر هاءِ وي ۾ پهريون ڀيرو صنعتي گندي پاڻي جي صفائي لاءِ پهريون ٽريٽمينٽ پلانٽ ڊسمبر ۾ لڳايو ويندو، جيڪو 100 ملين گيلن پاڻي صاف ڪندو. ٽريٽمينٽ پلانٽ ذريعي ٻيهر استعمال لائق بڻجندڙ پاڻي صنعت سان گڏ ٻين مقصدن لاءِ به استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي.

هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙ ماڻهو شهر جي بنيادي ڍانچي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ڪراچي جي ميئر چيو ته مصطفيٰ ڪمال لياري ايڪسپريس وي کي ڳري ٽريفڪ لاءِ استعمال ڪرڻ کان روڪيو آهي.

You might also like