”اوينجرز: ڊومز ڊي“ جو انتظار ڪندڙ مداحن لاءِ اهم خبر! هڪ بدران 15 فلمون ڏسو

ڊزني پلس طرفان جاري ڪيل فهرست ۾ 15 فلمن ۽ سيريز جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ ’ايڪس مين‘، ’ايڪس 2‘، ’ڪيپٽن آمريڪا: دي فرسٽ ايونجر‘، ’دي ايونجرز‘، ’ايونجرز: انفينيٽي وار‘، ’ايونجرز: اينڊ گيم‘، ’لوڪي‘، ’شانگ چي اينڊ دي ليجنڊ آف دي ٽين رنگز‘، ’اسپائيڊر مين: نو وي هوم‘، ’بليڪ پينٿر: واڪانڊا فار ايور‘، ’ڊاڪٽر اسٽرينج اِن دي ملٽي ورس آف ميڊنس‘، ’ڪيپٽن آمريڪا: بريو نيو ورلڊ‘، ’ڊيڊپول اينڊ وولورين‘، ’ٿنڊربولٽس‘ ۽ ’دي فئنٽاسٽڪ فور: فرسٽ اسٽيپس‘ شامل آهن.

اهي سڀئي ٽائيٽلز ڏسڻ لاءِ لڳ ڀڳ ٻه ڏينهن گهربل هوندا، تنهنڪري وقت جي کوٽ کي منهن ڏيندڙ مداحن لاءِ ’ايونجرز: اينڊ گيم‘، ’لوڪي‘، ’اسپائيڊر مين: نو وي هوم‘، ’ڊيڊپول اينڊ وولورين‘، ’ٿنڊربولٽس‘ ۽ ’دي فئنٽاسٽڪ فور: فرسٽ اسٽيپس‘ کي وڌيڪ اهم قرار ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته ’ايونجرز: ڊومز ڊي‘ هن سال 18 ڊسمبر تي سئنيما گهرن ۾ رليز ٿيندي، جنهن ۾ ڪيترائي پراڻا ۽ نوان سپر هيروز گڏ نظر ايندا، جڏهن ته رابرٽ ڊائوني جونيئر ڊاڪٽر ڊوم جي ڪردار ۾ نظر ايندو.

You might also like