ڏيو مُنهن! زال کي ٻئي همراهه سان نازيبا حالت ۾ پڪڙيندڙ مڙس کي 6 مهينا ٽِيپ، تائيوان جو انوکو ڪيس

زال جي مبينا معاشقي جو راز معلوم ڪرڻ لاءِ روبوٽ ويڪيوم ڪلينر کي جاسوس بڻائيندڙ تائيوان جو شهري عجيب قانوني صورتحال ۾ ڦاسي ويو.

عالمي خابرو اداري موجب تائيوان ۾ ڄاڻايل شخص جي شادي 2021ع ۾ ٿي هئي ۽ هو پنهنجي زال سان گڏ والدين جي گهر ۾ رهندو هو، جڏهن ته ٻنهي موڪلن دوران هڪ ٻئي گهر ۾ پڻ رهندا هئا.

مڙس کي سيپٽمبر 2023ع ۾ زال تي شڪ ان وقت ٿيو، جڏهن کيس موڪلن واري گهر مان هڪ اهڙو ٽوٿ برش مليو، جيڪو سندس نه هو. ان کانپوءِ مڙس پارڪنگ ڪيمرائن جي رڪارڊنگ ڏٺي، جنهن ۾ کيس هڪ اجنبي شخص نظر آيو، جيڪو سندس زال کي گاڏي ۾ گهر ڇڏي ويو هو.

وقت گذرڻ سان شڪ وڌندو ويو. لڳ ڀڳ ٽن مهينن کانپوءِ مڙس پنهنجي موبائل فون جي ايپ ذريعي موڪلن واري گهر ۾ موجود روبوٽ ويڪيوم ڪلينر کي پري ويهي فعال ڪيو.

اهو ڪو عام ويڪيوم ڪلينر نه هو، پر ان ۾ آڊيو جي سهولت پڻ موجود هئي، جنهن ذريعي صارف گهر ۾ موجود شخص سان ڳالهائي سگهندو هو.

مڙس جڏهن روبوٽ کي فعال ڪيو ته کيس اهو ئي منظر نظر آيو، جنهن جو کيس خدشو هو. روبوٽ جي ڪيمرا سندس زال کي هڪ ٻئي شخص سان انتهائي نجي حالت ۾ رڪارڊ ڪري ورتو.

مڙس اها وڊيو محفوظ ڪري ورتي ۽ بعد ۾ زال ۽ ڄاڻايل شخص خلاف داخل ڪيل سول ڪيس ۾ ان کي ثبوت طور پيش ڪيو. سندس موقف هو ته ٻنهي جو تعلق ازدواجي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

رپورٽ موجب مڙس شروعاتي طور 20 لک تائيوان ڊالرن جي هرجاڻي جو مطالبو ڪيو هو.

عدالت ثبوتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ قرار ڏنو ته زال ۽ ٻئي شخص جو تعلق رڳو دوستي تائين محدود نه هو. عدالت ٻنهي کي مڙس کي گڏيل طور 5 لک تائيوان ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 45 لک پاڪستاني رپيا، هرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

هتي تائين مڙس جي ڪاميابي ٿي وئي، پر اصل ڏکيائي ان کانپوءِ شروع ٿي. زال جي معاشقي بابت ثبوت گڏ ڪرڻ خود مڙس لاءِ ڏوهه بڻجي ويو.

زال مڙس خلاف الڳ ڪيس داخل ڪندي الزام هنيو ته هن سندس اجازت کانسواءِ نجي لمحن جي ڳجهي وڊيو رڪارڊ ڪئي آهي.

مڙس موقف اختيار ڪيو ته جيئن اها ئي وڊيو سول ڪيس ۾ ثبوت طور قبول ڪئي وئي هئي، تنهنڪري ان جي رڪارڊنگ کي به قانوني سمجهيو وڃي.

پر عدالت اهو دليل رد ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته ازدواجي رشتو ڪنهن شخص جي رازداري جي حق کي ختم نٿو ڪري. عدالت موجب وڊيو ڄاڻي واڻي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.

عدالت مڙس کي نجي تصويرون ۽ وڊيو غيرقانوني طور رڪارڊ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 5 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته مٿس ڏيڍ لک تائيوان ڊالر ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو، جيڪو کيس پنهنجي زال کي ادا ڪرڻو پيو.

ياد رهي ته تائيوان جي قانون تحت ڪنهن شخص جي نجي سرگرمين يا انتهائي ذاتي معلومات کي سندس اجازت کانسواءِ ڳجهي نموني رڪارڊ ڪرڻ يا ظاهر ڪرڻ ڏوهه آهي، جنهن تي قيد ۽ لکين ڊالرن تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.

You might also like