مڪي ۾ ڪلاڪ ٽاور سان کنوڻ ٽڪرائڻ جو حيران ڪندڙ ۽ خوبصورت منظر

مڪي شريف ۾ خراب موسم دوران وڄ ڪلاڪ ٽاور سان ٽڪرائڻ جو حيران ڪندڙ منظر ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويو.

سوشل ميڊيا تي سامهون آيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تيز برقي سرگرمي دوران اوچتو وڄ مڪي شريف جي مشهور ڪلاڪ ٽاور جي مٿئين حصي سان ٽڪرائجي ٿي، جنهن سان سڄو آسمان روشنيءَ سان جرڪي اٿي ٿو.

هي غيرمعمولي منظر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جڏهن ته وڊيو پڻ تيزيءَ سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي.

You might also like