پمز اسپتال ۾ ٻارن جي نرسري ۾ باهه ڪيئن لڳي؟ واقعي وقت ڊيوٽي تي عملو موجود هو يا نه؟ غفلت ڪنهن جي؟ ذميوار ڪير؟ ان ڳالهه جي خبر اڃا نه پئجي سگهي.
صحت بابت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي اسپتال جي عملي ۽ انتظاميا جي جوابن تي بي اطميناني جو اظهار ڪندي واقعي وقت ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن ۽ عملي کي معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال کي به اخلاقي بنيادن تي استعيفيٰ ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو.
پمز اسپتال جي دوري کانپوءِ ڊاڪٽر مهيش ڪمار چيو ته ڪالهه ٻڌايو ويو هو ته ايئر ڪنڊيشنر مان باهه لڳي، پر اڄ خبر پئي ته اي سي ته ڪم ئي نه پئي ڪري. سي سي ٽي وي مان به اها خبر نه پئجي سگهي ته باهه ڪيئن لڳي. ظاهري طور ته ائين لڳي رهيو آهي ته نرسن کي ويهاري هڪ بيان ياد ڪرايو ويو.
مهيش ڪمار واقعي جي پاڻ جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نرسري 1990ع ۾ ٺاهي وئي هئي، ننڍن ٻارن کي نئين بلاڪ واري نرسري ۾ رکڻ گهرجي ها.
صحت بابت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي سومر ڏينهن پمز اسپتال ۾ ئي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سينيٽرن کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
پمز انتظاميا به سانحي بابت پنهنجي جاچ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اخلاقي بنيادن تي استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا باهه لڳڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر عاطف انعام جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي کي 48 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي باهه لڳڻ جي اصل سبب ۽ فائر سيفٽي جي انتظامن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ريسڪيو آپريشن جي اثرائتي ۽ ريسپانس ٽائيم جي به جاچ ڪئي ويندي. واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش پڻ ڪئي ويندي.
پمز جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عنيزه جليل به ڪميٽي جي ميمبر آهي. ڊاڪٽر عنيزه جليل اڄ ئي وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميٽي آڏو پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو هو، جڏهن ته ڊاڪٽر عنيزه پاڻ ئي پمز جي تحقيقاتي ڪميٽي جي نوٽيفڪيشن تي صحيح ڪئي.
سانحي بابت چلڊرن اسپتال جي نرسري عملي کان لکت ۾ بيان طلب
ٻئي پاسي پمز سانحي بابت وزيراعظم جي تحقيقاتي ڪميٽي چلڊرن اسپتال جي نرسري عملي کان لکت ۾ بيان طلب ڪري ورتا آهن.
ذريعن موجب نرسري جي سي سي ٽي وي رڪارڊ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ نرسري جي عملي کان سوال به ڪيا ويا آهن. ڪميٽي سي سي ٽي وي رڪارڊ جو جائزو وٺندي باهه لڳڻ جي سببن بابت انتظاميا جي بيان ۽ سي سي ٽي وي وڊيو جو ڀيٽ ڪيو.
پمز جي هيلٿ مئنيجمينٽ عملي کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. پمز انتظاميا 26 آگسٽ تي ڊيوٽي تي موجود عملي جو روسٽر ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائر برگيڊ ۽ ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ پنهنجيون رپورٽون پيش ڪيون.
پمز جي جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سميت 4 آفيسرن ڪميٽي آڏو لکت ۾ بيان جمع ڪرايا. ڪميٽي 48 ڪلاڪن اندر عبوري تحقيقاتي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي.