ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگھن ۾3 هزار کان وڌيڪ لاٿ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي اگھھ ۾ 3500 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون 4 لک 83 هزار 36 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 3001 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ 10 گرام سون 4 لک 14 هزار 125 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 35 ڊالر گهٽجي 4605 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.