ايران تي آمريڪي پابندين بابت پاڪستان سان ڳنڍيل بيانن جي اختيارين ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اختيارين ايران تي آمريڪي پابندين بابت پاڪستان سان ڳنڍڻ وارن بيانن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

لاڳاپيل اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي پابندين بابت پاڪستان سان ڳنڍيل تبصرن کي ايراني ميڊيا تي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

اختيارين چيو ته پاڪستان اصولي طور تي ايران تي آمريڪي پابندين واري نظام تي تبصرو نٿو ڪري ۽ نه ئي ان معاملي ۾ مداخلت ڪري ٿو.

اختيارين موجب پاڪستان علائقي ۾ڊگھي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ تڪرار جي دوستاڻي، باهمي رضامندي ۽ عملي حل تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان مرڪزي ثالث طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ اختلاف گهٽائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مخلصاڻي ۽ تعميري ڪوششن لاءِ پرعزم آهي.

اختيارين واضح ڪيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ذريعي تڪرار جو پرامن حل ڳوليو ويندو.

You might also like