ٻئي ڪنهن کي ڪجهه نه ٿيو، رڳو اسانجا ٻار ئي سڙڻا هئا، سڙي فوت ٿيل ٻار جي ماءُ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال جي باهه ۾ فوت ٿيل ٻار جي ماءُ دانهون ڪندي چيو ته ڪنهن به ڊاڪٽر کي ڪجهه نه ٿيو، رڳو ٻارن کي ئي سڙڻو هو.

پمز اسپتال جي گائني وارڊ ۾ سڙي فوت ٿيل 14 نون ڄاول ٻارن جا والدين ڏک ۾ نڊهال آهن. والدين ٻارن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نون ڄاول ٻارن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف وفاقي صحت واري سيڪريٽري اسلم غوري کي معطل ڪري ڇڏيو.

سيڪريٽري هائوسنگ محمد محمود کي صحت واري سيڪريٽري جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي.

You might also like