مريم نواز جون راولپنڊي جي سڀني اسپتالن ۾ باهه کان بچڻ وارو نظام يقيني بڻائڻ جون هدايتون

وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز راولپنڊي جي سرڪاري اسپتالن ۾ باهه کان بچاءَ جو نظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

مريم نواز ڊپٽي ڪمشنر نديم ناصر کان راولپنڊي جي سمورن سرڪاري اسپتالن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.

هڪ بيان ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ باهه کان بچاءَ وارو نظام لڳائڻ يقيني بڻايو ويندو. اسپتالن ۾ فائر هائيڊرنٽس لڳائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ڊپٽي ڪمشنر جي هدايت تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ريسڪيو ٽيمن سان گڏ اسپتالن جو دورو ڪيو.

ڊپٽي ڪمشنر چيو ته فائر الارم، هائيڊرنٽس ۽ هنگامي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ جا رستا يقيني بڻايا پيا وڃن. مريضن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي، ڪنهن به قسم جي لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like