اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ هڪ مهينو اڳ به باهه لڳڻ جو واقعو پيش اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
دستاويز موجب پمز نرسنگ هاسٽل ۾ 6 جولاءِ جي رات 3 وڳي استقباليا ۾ باهه لڳي هئي، جنهن سبب استقباليا ۾ رکيل 3 صوفا سڙي ويا هئا.
دستاويز موجب واقعي دوران هاسٽل ۾ رهندڙ 78 شاگردياڻيون محفوظ رهيون ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو هو.
اليڪٽريڪل ۽ فارنزڪ رپورٽ نه هجڻ سبب باهه لڳڻ جو حتمي سبب معلوم نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته هاسٽل ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا، فائر الارم ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به منصوبو موجود نه هو.
واقعي کانپوءِ جوڙيل ڪميٽي هاسٽل جي وارڊن ۽ سيڪيورٽي عملي خلاف کاتي جي سطح تي ڪارروائي جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته جاچ رپورٽ ۾ هيٺين عملي کي معطل پڻ ڪيو ويو هو.
ٻئي پاسي وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته کيس پمز اسپتال ۾ 6 جولاءِ تي پيش آيل ان واقعي بابت ڪا ڄاڻ ناهي.
واضح رهي ته اڄ صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي.
اسپتال اختيارين موجب صرف هڪ ٻار کي بچائي سگهيو ويو، جڏهن ته 14 ٻار فوت ٿي ويا.