اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف حڪومت کان ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
اڄ صبح سوير پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي آءِ سي يو ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ 15 نون ڄاول ٻار فوت ٿي ويا. وزيراعظم شهباز شريف واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس طلب ڪيو ۽ وفاقي صحت واري سيڪريٽري اسلم غوري کي معطل ڪري عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي پڻ جوڙي آهي، جيڪا واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪندي.
ان معاملي تي مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته پمز اسپتال ۾ پيش آيل باهه جي المناڪ واقعي ۾ 14 معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي سندس دل انتهائي ڏکويل آهي، هو سوڳوار والدين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.
نواز شريف چيو ته الله تعاليٰ متاثر خاندانن کي صبر ۽ همت عطا فرمائي. حڪومت کي گهرجي ته هن واقعي جي ذميوارن جو تعين ڪري، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم يقيني بڻائي.