پمز اسپتال سانحو: واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ۽ هڪ ٻارڙي کي بچائيندڙ سندس ماسي جا انڪشاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال جي گائني وارڊ ۾ باهه لڳڻ واري واقعي ۾ جيئري بچي ويل اڪيلي نئين ڄاول ٻارڙي جي ماسيءَ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.

ٻارڙي جي ماسي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسپتال انتظاميا جي دعويٰ کي رد ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي ڌيءَ کي ڪنهن ڊاڪٽر نه، پر هن پاڻ بچايو.

عورت جو چوڻ هو ته ”باهه لڳڻ وقت مان واقعي واري هنڌ موجود هئس. باهه لڳندي ئي مان وارڊ ڏانهن ويس ته سامهون کان هڪ ليڊي ڊاڪٽر ڊوڙندي اچي رهي هئي. مون کانئس پڇيو ته ڇا ٿيو آهي، جنهن تي هن چيو ته ڪنهن مرد کي گهرايو. مون هڪ مرد کي گهرايو ۽ پڇيو ته ڇا ٿيو آهي، جنهن تي هن چيو ته باهه لڳي وئي آهي.“

عورت ٻڌايو ته ”اهو ٻڌندي ئي مان اندر ڊوڙيس ۽ چيو ته منهنجي ٻارڙي به اندر آهي، مان سندس ماسي آهيان. مان اندر ويس ۽ ٻارڙي کي کڻي ٻاهر نڪتيس. ٿوري باهه منهنجن وارن ۽ ڪلهي کي به لڳي. اتي هڪ به ڊاڪٽر موجود نه هو، ڊاڪٽر پنهنجي جان بچائي ڀڄي رهيا هئا.“

جيئري بچي ويل ٻارڙي جي ماسي وڌيڪ چيو ته ”اتي هڪ مرد ڊاڪٽر هو، اهو به ڀڄي ويو. ان کانسواءِ ٻيا سڀ ماڻهو به اتان وڃي چڪا هئا. منهنجي ڀيڻ جو آپريشن ٿيو هو، مان پنهنجي ڀيڻ ۽ ٻارڙي کي کڻي پاڻ به ڀڄي نڪتيس.“

عورت جو چوڻ آهي ته ”پمز انتظاميا لڳاتار مون سان رابطو ڪري رهي آهي. ڪڏهن چون ٿا ته توهان غلط ٻارڙي کڻي ويا آهيو ۽ هي ٻارڙي توهان جي ناهي، ته ڪڏهن ڪجهه ٻيو چون ٿا. ڪڏهن چون ٿا ته ٻارڙي نرس کنئي هئي، پر اتي ڪنهن نرس جو نالو نشان ئي موجود نه هو.“

واضح رهي ته ان کان اڳ پمز انتظاميا دعويٰ ڪئي هئي ته 16 نون ڄاول ٻارن مان ليڊي ڊاڪٽر رڳو هڪ ٻارڙي کي بچائي سگهي، جڏهن ته باقي 15 ٻار فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي هئي.

You might also like