اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پمز اسپتال ۾ پيش آيل سانحي بابت اسپتال انتظاميا شروعاتي رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.
شروعاتي رپورٽ موجب اين آءِ سي يو ۾ انڪيوبِيٽر سان لڳل آڪسيجن جو مقدار ٻڌائيندڙ نيبيولائزر ڦاٽي پيو، جنهن سبب آڪسيجن کي باهه لڳي وئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته باهه سبب دونهون پيدا ٿيو، جيڪو پائپ ذريعي ٻارن جي ساهه ۾ داخل ٿيو. ٻارن جو موت آڪسيجن جي فراهمي بند ٿيڻ ۽ سڙي وڃڻ سبب ٿي.
اسپتال انتظاميا طرفان تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شروعات ۾ باهه گهٽ هئي، پر پوءِ اها تيزيءَ سان پکڙجي وئي.
واضح رهي ته اڄ صبح اسلام آباد جي پمز اسپتال جي گائني وارڊ جي نرسري ۾ باهه لڳڻ سبب 15 نون ڄاول ٻار سڙي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب پمز اسپتال جي نرسري ۾ صبح 6 لڳي 45 منٽن تي ايئر ڪنڊيشنر جو ڪمپريسر ڦاٽڻ سبب باهه لڳي.
اسپتال اختيارين موجب باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 16 ٻار موجود هئا، جن مان صرف هڪ ٻار کي بچائي سگهيو ويو، جڏهن ته 15 ٻار فوت ٿي ويا.