دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري حڪومت جي ويجهو سمجهي ويندڙ سياسي ۽ سماجي شخصيت راشد بن عرار النعيمي دعويٰ ڪئي آهي ته ملائيشيا جي گهرو معاملن وارو وزير پاڪستان جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته دوري دوران ڪوالالمپور طرفان ”مڪي معاهدي“ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي امڪان جو به جائزو ورتو پيو وڃي.
راشد بن عرار النعيمي موجب، ”مڪي معاهدي“ اتحاد ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب شامل آهن ۽ ملائيشيا طرفان هن اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو اسلامي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف اهم اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته ملائيشيا جو گڏيل دفاعي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ هڪ تاريخي قدم هوندو، جيڪو اسلامي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن ملڪن جي گڏيل محاذ کي به وڌيڪ مستحڪم ڪندو.
اسلامي ملڪن جي گڏيل دفاعي سهڪار ۾ اهم اڳڀرائي، بنگلاديش کانپوءِ ملائيشيا جو ”مڪي معاهدي“ اتحاد ۾ شموليت تي غور
You might also like