”عمران خان اسپتال منتقل ٿيندو، پي ٽي آءِ تان سختي ختم ٿيندي ۽ حڪومت”سرينڊر“ ڪندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحافي شاهد ميتلو طرفان عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف کي رليف ملڻ جا دعوائون سامهون آيون آهن، سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خلاف جاري سختي جا ڏينهن هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو آهن.
دعويٰ موجب، مئي ۽ جون ۾ جڏهن ڪجهه جوڳي ڄاڻ سامهون آئي ته عمران خان سان ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، تڏهن زميني حالتون ۽ واقعا انهن اطلاعن جي ابتڙ نظر اچي رهيا هئا، جڏهن ته هن معاملي تي ٻيهر ڪم شروع ڪيو ويو ته وڌيڪ دنگ ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا.
صحافي جو چوڻ آهي ته پردي پٺيان جاري ڳالهين جي نتيجي ۾ حڪومت تي ايترو دٻاءُ وڌندو جو اها سپريم ڪورٽ ۾ سرينڊر ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي ۽ حڪومت طرفان موقف اختيار ڪيو ويندو ته ”اسان کان غلطي ٿي وئي، ان ڪري عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.“
ذريعن موجب، اهو به چيو ويندو ته جيستائين عمران خان جو مڪمل علاج نه ٿيندو، هو شفا اسپتال ۾ ئي رهندو، جڏهن ته دعويٰ موجب اهي سموريون اڳڀرايون 27 سيپٽمبر کان اڳ ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like