آبناءِ هُرمُز جي متبادل مَڪران ۾ 20 سالن کانپوءِ تيل ۽ گئس جي ڳولا ٻيهر شروع، ترڪ ڪمپني ڊرلنگ ڪندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 20 سالن کانپوءِ آف شور ڊرلنگ جو عمل ٻيهر شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن تحت ترڪي جي سرڪاري ڪمپني ترڪش پيٽروليم سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا شروع ڪندي.
ترڪش پيٽروليم انهن 23 آف شور بلاڪن ۾ شامل آهي، جن تي پاڪستان حڪومت سان پيٽروليم ڪنسشن معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪمپني طرفان سِزمڪ سروي ويسل به پاڪستان آندو ويندو، جنهن ذريعي سامونڊي حدن ۾ تيل ۽ گئس جي امڪاني ذخيرن جي ڳولا لاءِ سروي ڪيو ويندو.
مَڪران بيسن ۽ ان سان لاڳاپيل سامونڊي علائقن کي ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر تيل ۽ گئس جي ڳولا لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان جي آف شور توانائي شعبي ۾ نئين مرحلي جي شروعات ٿيڻ جي اميد آهي.
مَڪران جي وڌندڙ جيو پوليٽيڪل اهميت کي نظر ۾ رکندي، هن خطي ۾ رڳو ترڪي ئي نه پر آمريڪا ۽ چين جي به گهري دلچسپي موجود آهي، ڇاڪاڻ ته مَڪران خطي ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ حيثيت رکي ٿو ۽ مستقبل ۾ ان کي آبناءِ هرمز جو هڪ اهم ۽ بهترين متبادل قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like