حيدرآباد-سکر موٽروي کان اڳ پنجاب ۾ نئون منصوبو، سنڌ وفاق جي ٻٽي معيار تي اعتراض واري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد-سکر موٽروي تي ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ پنجاب ۾ نئون وڏو منصوبو شروع ڪرڻ تي سنڌ وفاقي حڪومت آڏو اعتراض اٿاري ڇڏيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ايڪنڪ اجلاس ۾ سنڌ حڪومت وفاق جي مبينا ٻٽي معيار تي خدشن جو اظهار ڪيو.
سنڌ حڪومت اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت واعدي خلافي ڪري رهي آهي.
صوبائي وزير ڄام خان شورو مطالبو ڪيو ته لاهور-سيالڪوٽ 296 ڪلوميٽر موٽروي کان اڳ حيدرآباد-سکر موٽروي تي ڪم شروع ڪيو وڃي.
ذريعن موجب، ڄام خان شورو چيو ته حيدرآباد-سکر موٽروي پراڻو ۽ انتهائي اهم منصوبو آهي، ڪيترائي سال گذرڻ باوجود ٻن وزيراعظمن جي واعدي تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته هر ڀيري سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي.
هن ايڪنڪ اجلاس ۾ سوال اٿاريو ته وفاقي حڪومت هن معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڇو نه ڪري رهي آهي؟

 

You might also like