ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار ميڪال ذوالفقار ساٿي اداڪارائن سان رومانوي لاڳاپن بابت پنهنجي تجربن ۽ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو مستقبل ۾ ڪنهن اداڪارا سان رشتو قائم ڪرڻ جو خواهشمند ناهي.
هڪ تازي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ميڪال ذوالفقار چيو ته ڪنهن تي پسند ٿيڻ فطري عمل آهي، خاص طور تي ان ڪري جو اداڪارائون خوبصورت عورتون هونديون آهن.
اداڪار ٻڌايو ته سندس پهريون رومانوي تعلق هڪ اداڪارا سان هو، پر ان تجربي کانپوءِ هو ٻيهر ڪنهن اداڪارا سان رشتو قائم ڪرڻ نٿو چاهي.
هن چيو ته اداڪارائون رشتن ۾ وڌيڪ ڌيان ۽ خيال رکڻ جي اميد رکن ٿيون، جڏهن ته هو هاڻي اهڙي قسم جي ذميواري کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار نٿو سمجهي.
ميڪال ذوالفقار مزاحيه انداز ۾ چيو ته ممڪن آهي ٻين اداڪارن جا به اهڙا ئي تجربا هجن، سندس خيال ۾ اداڪار ۽ اداڪارا جو پاڻ ۾ رشتو قائم ڪرڻ هميشه سٺو فيصلو ناهي.
هن اداڪارائن ايمن خان ۽ منيب بٽ جي رشتي جو مثال ڏيندي چيو ته انهن جو رشتو ان ڪري ڪامياب رهيو، ڇاڪاڻ ته ٻنهي پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي مرحلي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي هڪ ٻئي جو ساٿ اختيار ڪيو.
ميڪال موجب، جڏهن ٻه ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ اڳ ئي هڪ مقام حاصل ڪري وٺندا آهن ته ان کانپوءِ قائم ٿيندڙ رشتي کي برقرار رکڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.