ڊيٽا ۽ ڊالر بچائڻ جو منصوبو، موبائل فونز ۽ ليپ ٽاپس سميت اليڪٽرانڪ ڊوائيسز پاڪستان ۾ تيار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سگنلز بوسٽرز، ڊونگلز، بائيو ميٽرڪ مشينن، موبائل فونز ۽ ليپ ٽاپس سميت مختلف اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي مقامي سطح تي تياري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب، اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ۽ موبائل فونز جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي لاءِ ”ميڊ اِن پاڪستان“ پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، پر پاليسي جي منظوري نه ٿيڻ سبب ان تي عملدرآمد رولڙي جو شڪار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ”ميڊ اِن پاڪستان“ پاليسي تحت موبائل فونز، ليپ ٽاپس سميت مختلف اليڪٽرانڪ ڊوائيسز پاڪستان ۾ تيار ڪيا ويندا، جڏهن ته سگنلز بوسٽرز، ڊونگلز ۽ بائيو ميٽرڪ مشينن جي مقامي تياري پڻ پاليسي جو حصو آهي.
پاليسي ۾ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، جڏهن ته درآمدي اليڪٽرانڪ شين تي 5 سيڪڙو تائين ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ پي او ايس مشينون، ٽريڪر سسٽم ۽اسمارٽ واچز به پاڪستان ۾ تيار ڪرڻ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب، ان قدم سان ڊيٽا جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏ حڪومت کي ڪروڙين ڊالرن جي بچت پڻ ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۾ هر سال 42 ڪروڙ 23 لک ڊالرن کان وڌيڪ ماليت جون اليڪٽرانڪ ڊوائيسز درآمد ڪيون وڃن ٿيون.

You might also like