عمران خان جي صحت تي قيد جا اثر؟ پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ( پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) باني عمران خان جي وڪيل بئريسٽر سلمان صفدر چيو آهي ته عمران خان کي سندس بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي ۽ سندس صحت بابت مسئلا ڊگهي عرصي تائين اڪيلائي ۾ قيد رکڻ جو نتيجو آهن.
سلمان صفدر چيو ته عمران خان کي جن صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اهي سڌي ريت مسلسل اڪيلائي ۾ رکڻ سبب پيدا ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اها ڳالهه انهن رپورٽن ۾ به تسليم ڪئي وئي آهي، جيڪي اختيارين عدالت ۾ جمع ڪرايون آهن.
هن دعويٰ ڪئي ته عدالت ۾ پيش ڪيل سرڪاري رپورٽن مان به ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان جي صحت تي قيد جي حالتن جا اثر پيا آهن.
سلمان صفدر جو چوڻ هو ته سندس موڪل کي آئين ۽ قانون تحت حاصل بنيادي حق فراهم نه ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like