ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي خدمتن جو ملڪ ۾ ڪو مثال نٿو ملي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ به پيپلزپارٽي جي مهرباني آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي ئي عوامي مينڊيٽ سان حڪومت ۾ ايندي آهي، پيپلزپارٽي ئي حڪومت ۾ اچي عوام جي خدمت جا ڪم ڪندي آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي، هڪ سازش تحت هڙتالون ڪري صنعتن کي تباهه ڪيو ويو.
هن چيو ته مصطفىٰ ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي جي هڙتالن جي حمايت واريون وڊيوز اڄ به ميڊيا وٽ موجود آهن، هڪ هڪ هڙتال دوران 30، 40 ۽ 50 تائين لاش کنيا ويندا هئا.
هن چيو ته نفرت جي سياست ڪندڙ جماعتون پنهنجي ئي صوبي کي بدنام ڪن ٿيون، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مثبت ۽ ذميواراڻي سياست جي ضرورت آهي.
هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه قومي مفاد کي اوليت ڏني آهي، سنڌ جا ماڻهو باشعور ۽ سمجهدار آهن، اهي ڏسي رهيا آهن ته هر ڏکئي وقت ۾ ڪير ساڻن گڏ بيهي ٿو.
هن چيو ته ايندڙ مهيني ڊبل ڊيڪر بسن جو وڏو انگ ڪراچي پهچي ويندو، جڏهن ته اي وي ٽيڪسيون به اچي وينديون. 500 اي وي بسن جي منظوري ٿي چڪي آهي، جڏهن ته پنڪ اسڪوٽيز به تمام جلد شهرين لاءِ دستياب هونديون.
صوبائي وزير موجب، يونيورسٽي روڊ تي ڪوريڊور جو 80 کان 85 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، يونيورسٽي روڊ تي هن وقت ٽريفڪ جي رواني ۾ ڪو مسئلو ناهي، جڏهن ته يونيورسٽي روڊ 15 سيپٽمبر تائين 100 سيڪڙو مڪمل ٿي ويندو.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان سڄي پاڪستان جا بجلي پلانٽ هلائي سگهجن ٿا.
هن چيو ته پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي، جنهن ملڪ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان جي ڪا مثال نٿي ملي، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ به پيپلزپارٽي جي مهرباني آهي.
You might also like