اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن ڊيزل جي اگهه ۾ واڌ رد ڪري ڇڏي.
آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن جي صدر اويس چوڌري چيو آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ قبول ناهي، حڪومت پنهنجي لکيل معاهدي تي فوري عملدرآمد ڪري.
هن چيو ته معاهدي تحت ڊيزل جي اگهن ۾ ڦيرڦار 15 ڏينهن کانپوءِ ٿيڻ گهرجي. روزاني بنياد تي قيمتن ۾ تبديلي سبب ٽرانسپورٽرز لاءِ ڀاڙا مقرر ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
اويس چوڌري حڪومت کان طئي ٿيل معاهدي تي فوري عملدرآمد جو مطالبو ڪيو.
You might also like