اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،سخت پهري ۾ کيس نيو ويوجڏهن ته شفا انٽرنيشنل اسپتال ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا . پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي. اسپتال ڀرسان روڊ جي ڪناري پارڪ ٿيل گاڏين کي لفٽر ذريعي هٽايو ويو .ٻئي طرف اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ جي علاج لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. سندس ايمرجنسي ۾ چيڪ اپ ڪيو ويندو، جڏهن ته 6 ماهر ڊاڪٽرن تي ٻڌل ٽيم سندس معائنو ڪندي، جنهن کان پوءِ عمران خان کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. داخل ڪرڻ جي صورت ۾ پڻ خاص انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.هوڏانهن پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اها ڳالهه وقت کان اڳ آهي ته باني پي ٽي آءِ کي اسپتال مان بني گالا منتقل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو ممڪن آهي ته ڪنهن به عمارت کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.سلمان اڪرم راجا چيو ته جيڪڏهن صحت جي حوالي سان اها راءِ سامهون اچي ٿي ته جيل واپس وڃڻ صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار هوندو ته بني گالا منتقل ڪرڻ ممڪن آهي. عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب جيل جا حالتون باني پي ٽي آءِ لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن.هن چيو ته اهو فيصلو ميڊيڪل بورڊ ڪندو ته باني پي ٽي آءِ کي واپس جيل وڃڻ گهرجي يا بني گالا منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته حڪومت بني گالا کي سب جيل قرار ڏئي سگهي ٿي. اهي سڀ امڪان موجود آهن.ان حوالي سان قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ کان باني پي ٽي آءِ جي اسپتال منتقلي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته اڃا رات 12 وڳي تائين جو وقت آهي، اهو ڪم اسلام آباد انتظاميا جي ذميواري آهي، جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي، انتظاميا ڪري رهي آهي.