عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهي ٿو، اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري رهڻ گهرجي

لاهور(سجاد انور)ناليواري صحافي سهيل وڙائچ چيو آهي عمران خان جيل ۾ آهي، ان سان وڏي سختي ٿي رهي آهي، اڄ جي دنيا ۾ عوام ۽ مڊل ڪلاس اهميت رکن ٿو. اها توقع ته ڪو فاتح ايندو، ڪو صلاح الدين ايوبي ٻيهر اچي ويندو، يا ذوالفقار علي ڀٽو اچي ويندو اهي اچڻ وارا ناهن،هن چيو ته جيل مان آزادي تي عمران خان کي هڪ دفعو موقعو ملندو پر سوال هي آهي ته عمران خان کي پهريان به موقعو مليو، عمران خان ڪو معجزو  ته نه ڏيکاريو. ان لاءِ ضروري آهي ته ادارا ٺهن، ادارن کي بااختيار بڻايو وڃي. هن چيو ته بلاول ڀٽو، مريم نواز، عمران سڀني لاءِ منهنجون نيڪ تمنائون آهن. پر مريم کي هڪ فائدو آهي ته پنجاب ۾ سندس حڪومت آهي. هو هر سال هڪ هزار ارب کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪري رهيا آهن، ته سڀ کان وڌيڪ ڌيان ته هن وقت ان ڏانهن هجڻ گهرجي. ان کان پوءِ عمران خان آهي، جيڪو پنجاب ۾ پاپولر ليڊر آهي،ايندڙ مقابلو ته عمران خان ۽ مريم جو ئي آهي. بلاول ته پنجاب ۾ ناهي.هن چيو ته انھن ٽنهي جي ۽ قابليت جي ڳالهه ڪجي ته بلاول جو ويزن عالمي آهي صرف ويزن جي ڳالهه ناهي هوندي،  عملي ميدان  ٻي شئي هوندو آهي. هن چيو ته  هي چوڻ ته پنجابي بزدل آهن سوال هي آهي ته 300 سالن کان ته پنجابين جو ئي هن خطي تي قبضو آهي.نه پنجابي نه پٺاڻ نه سنڌي نه بلوچ بزدل آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اگر پنجاب جي فوج جي اڪثريت آهي، ته پوءِ پنجاب جي فوج ڪنٽرول ڪنهن ڪئي آهي اگر هي بزدل آهن؟ پنجابين پهرين ۽ ٻي عالمگير جنگ ۾ حصو ورتو، هن چيو ته  بلوچن، سنڌين ۽ پشتونن جا جيڪي سوال آهن، انهن کي رياست کي حل ڪرڻ گهرجي هن چيو ته فوج کي سياست کان پري رکيو وڃي، ڇو جو پوءِ سچي سياسي ليڊرشپ نٿي اچي سگهي. بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ آپريشنز کان پوءِ سياسي ليڊرشپ اچڻ نه ڏني وئي، جنهن سان حالتون خراب ٿيا. پر سياست ۾ فوج جو ڪو آئيني ڪردار ناهي، ان کي ختم يا گھٽ ٿيڻ گهرجي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جناح کان وٺي هينئر تائين سياستدانن ۾ وڏا هيرو ملن ٿا پر جرنيلن ۾ هڪ به اهڙو ناهي جنهن کي هيرو طور ياد ڪيو وڃي،جنرل  سياسي ليڊر ناهن. ليڊر هجڻ ۽ حڪمران هجڻ ۾ فرق هوندو آهي. ليڊر هو هوندو آهي جنهن کي ماڻهو ٻڌندا آهن. حڪمران اهو آهي جنهن وٽ حڪومت هجي. اسان جو تعلق ليڊر سان آهي. جرنيلن جي چونڊ فوج جو اندروني نظام ڪندو آهي.ڇا 18هين ترميم قائم رهندي؟ واري سوال تي سهيل وڙائچ چيو ته منهنجو خيال آهي ته اگر هينئر ختم به ٿي وئي، ته هوءَ ٻيهر واپس اچي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ۾ جمعو، 21 آگسٽ  2026ع تي شايع ٿيو

You might also like