اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏني آهي، چيو آهي ته سياسي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم واقعي هن حوالي سان ڪجهه عملي قدم کڻن ته اهو هڪ بهترين ڳالهه هوندي.خميس ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته حڪومت هميشه ڳالهين لاءِ رضامندي ڏيکاري آهي ۽ هن قومي اسيمبلي جي فلور کان علاوه ڪابينا جي سامهون ڪيترائي ڀيرا اهو موقف ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي گڏجي ويهڻ جي دعوت ڏيان ٿو. مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي معيشت ۽ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته هن چيو هو ته حڪومت هميشه ڳالهين لاءِ تيار رهي آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته اپوزيشن ڪيتري جلدي ڳالهين لاءِ تيار ٿئي ٿي.وزيراعظم جي ڳالهين جي دعوت تي رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت جي ڳالهين جي آڇ هميشه هڪ آڇ تائين محدود رهي آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سٺو ٿيندو جيڪڏهن وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدم کڻن. هن چيو ته هي وقت آهي ته اهڙا قدم کنيا وڃن جيڪي سياسي مسئلن جو سياسي حل ڳولي سگهن.بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪستان کي بهتر رخ ۾ وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ گهرجي، ملڪ کي دهشتگردي ۽ غير يقيني صورتحال مان نڪرڻ گهرجي ۽ گڏجي اسان کي پاڪستان جي دفاع، معيشت ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.