ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل رڌيڪا رڌي ڍاڪا ۾ پنهنجي گهر مان مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڍاڪا جي بشنڌرا واري علائقي ۾ هڪ گهر مان اداڪارا جو لاش هٿ آيو، جنهن کانپوءِ پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب اداڪارا جي پيءُ جي فرياد تي سندس بواءِ فرينڊ حسيب الرحمان کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو، جنهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.