ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي عورت پارليامينٽرينز نوشڪي ۾ مبينا طور گهر ۾ گهڙي ماءُ ۽ ڌيءَ کي قتل ڪرڻ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ بلوچ روايتن جي ابتڙ آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راندين واري صلاحڪار مينا مجيد چيو ته نوشڪي ۾ مبينا دهشتگردن بي بي حنيفه ۽ حفصه کي شهيد ڪيو، آخر انهن جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ هاڻي عام بلوچ ۽ عورتون به دهشتگردن جي نشاني تي آهن.
مينا بلوچ چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ڊپٽي اسپيڪر غزاله چيو ته نوشڪي جي افسوسناڪ واقعي تي عورت پارليامينٽرينز خاموش نه ويهنديون، عورتن کي هر هنڌ ۽ هر حال ۾ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
صوبائي وزير تعليم راحيله دراني چيو ته بلوچ عورتن کي قتل ڪري بلوچستان بابت ڪهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي؟