ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ گورنر هائوس تي ٽرانسپورٽرن ۽ حڪومتي نمائندن وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرن 40 ڏينهن لاءِ ملڪ گير هڙتال ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڳالهين ۾ سنڌ جي گورنر نهال هاشمي، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان ۽ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرن جي صدر ملڪ شهزاد شرڪت ڪئي.
گفتگو کانپوءِ ملڪ شهزاد چيو ته حڪومت جي خاطري کانپوءِ هڙتال ملتوي ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت پارڪنگ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ورتي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمتن جي مقرر ڪرڻ واري معاملي تي به غور ڪيو ويندو.
هن چيو ته وفاقي وزير عبدالعليم خان ٽول ٽيڪس ۾ گهٽتائي لاءِ ڪميٽي جوڙڻ ۽ 10 ڦيٿن وارين گاڏين کي مناسب وزن کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ٽرانسپورٽرن چيو ته هڙتال ختم نه، پر ملتوي ڪئي وئي آهي، خاطرين تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج جو رستو اختيار ڪري سگهجي ٿو.
وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان چيو ته ٽرانسپورٽرن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ باقي معاملن لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. هن چيو ته ڪراچي-حيدرآباد روڊ ڪنهن به صورت ۾ موٽر وي سڏائڻ لائق ناهي، جڏهن ته سکر کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين نئين موٽر وي جو ڪم هن ئي سال شروع ڪيو ويندو.
سنڌ جي گورنر نهال هاشمي ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته حڪومت ڳالهين ذريعي ٽرانسپورٽرن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندي.