ڪراچي-حيدرآباد روڊ ڪهڙي به صورت ۾ موٽروي سڏائڻ جي لائق ناهي: عبدالعليم خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آمد و رفت واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ڪراچي-حيدرآباد روڊ ڪنهن به صورت ۾ موٽر وي سڏائڻ لائق ناهي.

ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ٽرانسپورٽرن سان ڳالهين کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي مواصلات واري وزير عبدالعليم خان چيو ته ڪراچي-حيدرآباد روڊ ڪنهن به صورت ۾ موٽر وي سڏائڻ لائق ناهي.

عبدالعليم خان چيو ته سکر کان حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين نئين موٽر وي جو ڪم هلندڙ سال ئي شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان ڪنهن اهڙي معاملي ۾ پوڻ نٿا چاهيون، جنهن سان ڪو تڪرار پيدا ٿئي.

وفاقي وزير چيو ته ٽرانسپورٽرن جا جيڪي مسئلا حل طلب هئا، اهي حل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه مطالبن لاءِ رسمي ڪارروائي مڪمل ڪرڻي آهي، جيڪا هو پوري ڪندا.

هن چيو ته انهن معاملن جي حل لاءِ مختلف ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن.

You might also like