پائيپ لائين ليڪ: ڪراچي جي ڊفينس ۾ خال تيل وهڻ لڳو!

ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابانِ سحر ۾ نيشنل ريفائنري جي فرنس آئل جي پائيپ لائين ليڪ ٿي وئي.

پوليس موجب آئل لائين گهڻي پراڻي آهي ۽ روڊ جي وچ مان گذري ٿي. لائين ليڪ ٿيڻ جو اطلاع نيشنل ريفائنري کي ڏنو ويو، جنهن تي لائين ۾ آئل جي فراهمي روڪي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته آئل لائين ليڪ ٿيڻ سبب خام تيل روڊ تي پکڙجي ويو، جنهن ڪري روڊ کي آمدرفت لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب نيشنل ريفائنري جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي، جنهن ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like