لاهور(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪمران ٽولي عوام کي هڪ مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت رڳو پيٽرول جون قيمتون نه ٿي وڌائي، پر ٽيڪسن ۾ به واڌ ڪري ٿي.
لاهور ۾ فيض چوڪ مال روڊ تي پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي ڌرڻو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو جاري رهندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ گورنر هائوس ٻاهران به ڌرڻو جاري آهي.
هن چيو ته جيستائين حڪومت گوڏا نه کوڙيندي، تيستائين جدوجهد جاري رهندي ۽ اسان حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته حڪومت پاران ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر اسان کي ڪنهن به بريفنگ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد بريفنگ وٺڻ لاءِ نه وينداسين، جنهن کي ڳالهائڻو آهي، اهو هتي اچي. ڳالهه رڳو هڪ ئي نقطي تي ٿيندي ته پيٽروليم ليوي واپس ورتي وڃي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته عوام تي مڙهيل موجوده نظام جو عوام سان ڪو به واسطو ناهي، اهو نظام هاڻي وڌيڪ نٿو هلي سگهي. هن پيٽروليم ليوي کي زبردستي مڙهيل ڀتو ۽ جگا ٽيڪس قرار ڏنو.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته مسلم ليگ ن جي ڪيترن ئي جاگيردارن پنهنجي جاگيرن تي ٽيڪس ادا ڪيو آهي؟ جاگيرداراڻو نظام هاڻي نه هلندو. وڏا جاگيردار ٽيڪس نٿا ڏين، وڏا بيوروڪريٽس ٽيڪس کائي وڃن ٿا، جڏهن ته حڪمران پنهنجون مراعتون ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن ۽ غريب عوام جو رت چوسي رهيا آهن.
واضح رهي ته جماعت اسلامي پاران مهانگائي ۽ پيٽروليم ليوي خلاف ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ گورنر هائوسز ٻاهران ڌرڻا جاري آهن.