ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ گهرجن؟ جي موضوع تي ايس ڊي پي آئي جي ميزباني هيٺ مباحثو!

ايس ڊي پي آءِ جي اهتمام هيٺ قومي سطح تي هڪ مباحثو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ”ڇا ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجن؟“ جي موضوع تي بحث ڪيو ويو.

مباحثي ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪمراني جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ گهرجن. نوان انتظامي يونٽ قائم ٿيڻ سان عوام کي سڌو سنئون فائدو پهچندو، جڏهن ته ملڪ جي ترقي لاءِ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي.

هنن جو چوڻ هو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ مضبوط مڪاني حڪومتي نظام هجڻ گهرجي. شرڪت ڪندڙن چيو ته احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ اختيارن جي ورڇ ضروري آهي، جڏهن ته عوامي مسئلن جي حل ۽ ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ لاءِ مضبوط بلدياتي نظام جو قيام پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

You might also like