”هيڏي ٽپيا ته ٽنگون ڀڃي ڇڏينداسين“ آبناءِ هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ تي ايران جو سخت رد عمل

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي آرمي چيف ميجر جنرل امير حاتمي، آبنائي هرمز کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهڙين ڳالهين تي مذاق ڪرڻ به وڏي غلطي آهي، ڇو ته هي ايران آهي ۽ ان جا محافظ توهان جون ٽنگون ڀڃي ڇڏيندا.

ايراني ميڊيا موجب ايراني آرمي چيف چيو ته آمريڪي فوجن کي عملي طور هتان ڪڍيو ويو آهي ۽ هاڻي کين خليج، عربي سمنڊ يا آبنائي هرمز ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي.

ميجر جنرل امير حاتمي وڌيڪ چيو ته خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي ٻيهر انهن جي اڳوڻي حيثيت ۾ واپس اچڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like