ايران، 2 مارچ تي قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي فضائي حملي کانپوءِ گم ٿيل ۽ بعد ۾ مبينا طور قطري فوج هٿان گرفتار ڪيل 3 ايراني پائلٽن جون تصويرون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
ايران گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو عوامي سطح تي تصديق ڪئي هئي ته 2 مارچ تي قطر ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي حملي کانپوءِ گم ٿيل ايراني هوائي فوج جا 3 پائلٽ قطري فوج گرفتار ڪري ورتا هئا.
ايراني نيوز ايجنسي موجب ايراني فوج جي هڪ عهديدار انٽرنيشنل ڪميٽي آف ريڊ ڪراس کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ايراني پائلٽن جي حالت بابت جاچ ڪري ۽ انهن جي آزادي لاءِ قدم کڻي.
نيوز ايجنسي موجب ايران جي هٿياربند فوج جي جنرل اسٽاف جي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ قائم ڪميٽي جي ڪمانڊر بريگيڊيئر جنرل محمد باقر زاده، ريڊ ڪراس جي صدر مرجانا اسپوليارڪ ايگر کي خط لکي گم ٿيل ايراني پائلٽن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
بريگيڊيئر جنرل محمد باقر زاده موجب 2 مارچ 2026ع تي ايراني هوائي فوج جا ٻه ايس يو 24 جنگي بمبار جهاز، ايران تي ٿيل حملن جي جواب ۾ قطر ۾ هڪ آمريڪي فوجي اڏي ڏانهن روانا ٿيا هئا.
هن دعويٰ ڪئي ته ٻنهي جهازن پنهنجو مشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيو، پر واپسي دوران دشمن جي فضائي دفاعي نظام کين نشانو بڻايو، جنهن سبب جهازن جي عملي کي جهازن مان ٻاهر نڪرڻو پيو.
باقر زاده موجب ٻنهي جهازن ۾ سوار 4 پائلٽن مان هڪ، مجيد ڪاظمي، مارجي ويو هو. بعد ۾ سندس لاش جا باقيات هٿ ڪري ايران منتقل ڪيا ويا، جتي سندس تدفين ڪئي وئي.
ايراني بريگيڊيئر جنرل خط ۾ چيو ته ايران کي مليل معلومات موجب واقعي ۾ شامل باقي 3 پائلٽ، جواد صالحي، عبدالحميد دشتيان ۽ عمران به رويشيان، قطري فوج هٿان زنده گرفتار ٿيا هئا.