پابندين باوجود منهنجا گانا ڀارتي مداحن وٽ پهچن ٿا: عاطف اسلم

پاڪستان جي مشهور گلوڪار عاطف اسلم جو چوڻ آهي ته مون کي ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي کوٽ محسوس نٿي ٿئي، پر مداحن جي ياد اچي ٿي.

تازو ئي عاطف اسلم هڪ ڀارتي يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏنو، جنهن دوران هن ڀارت سان پنهنجي لاڳاپن ۽ اتي موجود مداحن سان وابستگي بابت کلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

تازي انٽرويو دوران عاطف اسلم چيو ته ڀارتي حڪومت سوچيو ته پاڪستان مان ايندڙ فنڪارن تي پابندي لڳائي سگهجي ٿي، مان به ان پابندي جو شڪار آهيان ۽ گذريل 10 سالن کان ڀارت لاءِ ڪو به گانو ناهي ڳايو.

عاطف اسلم چيو ته پابندي باوجود سندس موسيقي متبادل ذريعن وسيلي ڀارت ۾ مداحن تائين پهچي رهي آهي ۽ سندس مداح وي پي اين وغيره ذريعي سندس موسيقي ٻڌي رهيا آهن.

گلوڪار واضح ڪيو ته مون کي ڀارت ۾ پروفيشنل طور ڪم ڪرڻ جي کوٽ محسوس نٿي ٿئي، پر اتي جي ماڻهن ۽ پنهنجن مداحن جي ياد اچي ٿي.

You might also like