ڊپريشن هڪ منجهيل ذهني بيماري آهي، جنهن ۾ مبتلا ماڻهو اڪثر اداس رهندا آهن، جڏهن ته هر وقت بيوسي جو احساس پڻ ٿي سگهي ٿو.
پر ڊپريشن رڳو ’دماغ‘ تائين محدود رهندڙ بيماري ناهي، پر ان جي نتيجي ۾ جسم پڻ متاثر ٿئي ٿو.
هي هڪ اهڙي ذهني بيماري آهي، جنهن کان موجوده دور ۾ هر عمر جا ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.
پر سٺي ڳالهه اها آهي ته ڊپريشن کان بچڻ يا ان جي شدت گهٽائڻ به ممڪن آهي.
بس روزانو ميون جو خالص جوس پيئڻ کي پنهنجي عادت بڻايو.
اها ڳالهه برطانيا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
نيو ڪاسل يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روزانو 100 سيڪڙو خالص ميون جي جوس جو هڪ گلاس پيئڻ سان دماغي صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
هن تحقيق دوران هڪ ڪلينڪل آزمائش ڪئي وئي، جنهن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جيڪي ميون ۽ ڀاڄين جو تمام گهٽ مقدار ۾ استعمال ڪندا هئا.
انهن مان ڪجهه ماڻهن کي روزانو هڪ گلاس ميون جو جوس پيئڻ جي صلاح ڏني وئي.
4 هفتن کان پوءِ ٻنهي گروپن ۾ شامل ماڻهن ميون ۽ ڀاڄين جو وڌيڪ استعمال شروع ڪيو، پر جيڪي ماڻهو ميون جو جوس پيئندا هئا، انهن ۾ ڊپريشن جو اسڪور گهٽ ڏٺو ويو.
محققن ٻڌايو ته نتيجا ان ڳالهه جي تائيد ڪن ٿا ته خوراڪ ۾ سادي ۽ عملي تبديليون آڻڻ سان دماغي صحت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اهو ته سڀني کي خبر آهي ته ميون ۽ ڀاڄين جو روزانو استعمال صحت لاءِ فائديمند آهي، پر گهڻن ماڻهن لاءِ انهن کي پنهنجي غذا جو حصو بڻائڻ ڏکيو هوندو آهي.
هنن جو چوڻ هو ته ڪلينڪل آزمائش مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪي ماڻهو ميون ۽ ڀاڄين جو گهٽ مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا، جيڪڏهن اهي جوس پيئڻ کي پنهنجي عادت بڻائين ته ڊپريشن جهڙي بيماري کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
هن آزمائش ۾ شامل ماڻهن جي مزاج ۾ ايندڙ تبديلين جو جائزو سوالنامن ذريعي ورتو ويو ۽ جوس پيئندڙ گروپ جو ڊپريشن اسڪور ٻئي گروپ جي ڀيٽ ۾ گهٽ هو.
محققن موجب، تحقيق جا نتيجا حوصلا افزا آهن ۽ هن حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، خاص طور تي اهڙن ماڻهن کي تحقيق ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي اڳ ئي ذهني بيمارين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هن تحقيق جا نتيجا جرنل برٽش جرنل آف نيوٽريشن ۾ ڇپيا آهن.