ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ڀرسان سورينج ڪول فيلڊ ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٿيل المناڪ ڌماڪي کانپوءِ جاري ريسڪيو آپريشن لڳ ڀڳ 45 ڪلاڪن کانپوءِ مڪمل ڪيو ويو.
ريسڪيو ٽيمن کاڻ مان وڌيڪ ٻن مزدورن جا لاش ڪڍي ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ سندن اباڻن علائقن شانگلا ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا. هن دل ڏاريندڙ حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 4 ڄڻا فوت ٿيا، جن ۾ 3 سڳا ڀائر به شامل آهن.
ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کاڻ کي سيل ڪيو ويو آهي. فوت ٿيل سمورن مزدورن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا ويا، جن مان 31 ڄڻن جو تعلق ضلعي شانگلا ۽ 3 ڄڻن جو تعلق ضلعي صوابي سان هو.
مائنز کاتي جي اختيارين موجب حادثي جي سببن جي جاچ لاءِ قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.
سورينج جي ڪوئلي واري کاڻ ۾ ٿيل هن ڌماڪي ڪيترن ئي خاندانن کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آهي. متاثر خاندانن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهڙن حادثن جي روڪٿام لاءِ ترجيحي بنيادن تي اثرائتا حفاظتي قدم کنيا وڃن، جيئن مستقبل ۾ کاڻ مزدور اهڙن ناقابلِ تلافي سانحن کان محفوظ رهي سگهن.