آزاد ڪشمير چونڊون: ن ليگ ۽ پ پ ۾ ڌانڌلين بابت ٿيل تڪرار تي ٺاهه

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير جي هلندڙ چونڊن دوران پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کانپوءِ ٻنهي اتحادي پارٽين جي سينيئر اڳواڻن مظفرآباد ۾ ملاقات ڪري چونڊ ڌانڌلي بابت لڳايل الزامن سبب پيدا ٿيل سياسي بحران تي ڳالهايو.

ذريعن موجب ملاقات جو مقصد اهو هو ته چونڊ تڪرار وفاقي حڪومت ۾ ٻنهي پارٽين جي لاڳاپن تي ناڪاري اثر نه وجهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اها ملاقات وفاقي سطح تي ٿيل صلاح مشورن کانپوءِ ٿي، جڏهن ته ڪجهه ذريعن دعويٰ ڪئي ته ان کي ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جي به حمايت حاصل هئي، پر ان دعويٰ جي آزاداڻي تصديق نه ٿي سگهي.

ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن قمر زمان ڪائره، نديم افضل چن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ ۽ نير بخاري، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) طرفان راڻا ثناءُ الله ۽ امير مقام شرڪت ڪئي.

ذريعن موجب ٻنهي ڌرين چونڊ مهم ۽ ميرپور جي نتيجن کانپوءِ ڏنل بيانن بابت پنهنجا تحفظات سامهون رکيا. مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي کان منظم چونڊ ڌانڌلي جا ثبوت گهريا، جنهن تي پيپلز پارٽي جو چوڻ هو ته سندن اعتراض رڳو چئن تڪن ايل اي-5، ايل اي-9، ايل اي-11 ۽ ايل اي-12 تائين محدود آهن، جتي سندن خيال ۾ سنگين بي ضابطگيون ٿيون.

ن ليگ جو موقف هو ته جڏهن اعتراض رڳو چئن تڪن تائين محدود آهن ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته باقي نون تڪن جا نتيجا عملي طور قبول ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب ٻنهي پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سياسي ڇڪتاڻ کي وڌيڪ نه وڌايو وڃي ۽ باقي مرحلن جي پولنگ کي پرامن، منصفاڻي ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ڀرپاسي هٿيار کڻي اچڻ تي مڪمل پابندي يقيني بڻائي وڃي.

You might also like