ڪراچي ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان، ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته شهر جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي بونداباندي به ٿي سگهي ٿي.

رپورٽ موجب موسميات کاتي موجب شهر ۾ آسمان جزوي طور ڪڪرن سان ڍڪيل رهندو. گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

کاتي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو آهي، جڏهن ته سامونڊي هوائون 11 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. موسميات کاتي شهر جي ڪجهه هنڌن تي هلڪي بونداباندي جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو آهي.

You might also like