ايران تي 15 هزار ميزال اڇلائڻ جو خطرناڪ منصوبو، اسلام آباد لاءِ ايندڙ 10 ڏينهن پل صراط!

اسلام آباد (عمران علي، اڳوڻو سفير) وچ اوڀر هن وقت رڳو هڪ علائقائي ڇڪتاڻ جو شڪار ناهي، پر هڪ گهري اسٽريٽجڪ جمود ۾ داخل ٿي چڪو آهي جتي سفارتي ذريعا، پيغام ۽ ٽياڪڙي جي گنجائش تيزي سان ختم ٿيندي نظر پئي اچي ۽ عالمي سياست هڪ اهڙي مرحلي ۾ داخل ٿي رهي آهي جتي فيصلا ڳالهين جي ميزن بدران ڪنٽرول رومز ۽ ميزائل سسٽمن ذريعي ٿيندا.

خطّي ۾ ٽياڪڙ جو دور لڳ ڀڳ ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي طاقت جو توازن عملي قدمن سان طئي ٿيندو، جنهن اهو سوال پيدا ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا دنيا هڪ ممڪن عالمي جنگ جي ڪناري تي بيٺي آهي جنهن جو مرڪز وچ اوڀر هوندو؟

هاڻوڪي اڳڀرائي ۾ سڀ کان اهم پهلو آبناءِ هرمز مان قطر جي ايل اين جي جهاز جو ايران جي منظوري کان پوءِ گذرڻ آهي، جنهن کي رڳو واپاري سرگرمي بدران هڪ عارضي حڪمت عملي (Stop-gap Arrangement) قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اطلاعن موجب هي جهاز ايران کي مبينا طور فيس يا ’ٽول ٽيڪس‘ ادا ڪري گذريو، جنهن سان اهو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته خليجي رياستون پنهنجي معاشي بقا لاءِ آمريڪا بدران ايران سان سڌيءَ ريت معاملا ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيون آهن.

جيڪڏهن اهو ئي رجحاڻ عمان، ڪويت، بحرين ۽ گڏيل عرب امارتن تائين پکڙجي ويو ته خطي ۾ آمريڪي بحري برتري ۽ اثر و رسوخ سخت ڪمزور ٿي سگهي ٿو ۽ آمريڪا هڪ فعال سرگرم ڌر بدران رڳو تماشائي بڻجي رهجي ويندو.

ٻئي پاسي اسرائيل طرفان ايران جي خلاف هڪ انتهائي جارحاڻي عسڪري تجويز سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت 15 هزار گائيڊڊ ميزائلن ذريعي ايراني ميزائل ۽ ڊرون لانچنگ سائيٽن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جو منصوبو شامل آهي، جنهن جو مقصد ايران کي جوابي ڪارروائي جو موقعو ڏڻ کانسواءِ ناڪارا بڻائي ڇڏڻ آهي.

تنهن هوندي به دفاعي ماهر هن حڪمت عملي کي غير يقيني قرار ڏيندي خبردار ڪري رهيا آهن ته ايران جي سيڪنڊ اسٽرائڪ صلاحيت مڪمل طور ختم ڪرڻ ممڪن نه هوندو، جنهن سبب هڪ تباهه ڪندڙ جوابي ردعمل اڻٽر ٿي سگهي ٿو.

هن ڏکئي صورتحال ۾ پاڪستان هڪ نازڪ اسٽريٽجڪ موڙ تي بيٺو آهي جنهن کي ماهر ’پل صراط‘ سان تشبيهه ڏئي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب طرفان يمن ۾ حوثين خلاف امڪاني زميني ڪارروائي لاءِ پاڪستاني فوج جي شموليت جي درخواست جو امڪان آهي، جيتوڻڪي سعودي عرب وٽ جديد ترين هوائي طاقت موجود آهي، پر اهو پاڪستان جي عسڪري مهارت ۽ سخت حالتن ۾ جنگي تجربي کي اهم حيثيت ڏئي رهيو آهي.

انهي دوران پاڪستان تي عالمي سطح تي ’ڊبل گيم‘ جا الزام پڻ لڳايا پيا وڃن، جن ۾ هڪ رپورٽ موجب پاڪستاني قيادت تي ايراني پاسدارانِ انقلاب سان گڏجي ايراني تيل جي وڪري ۾ مبينا ڪردار جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اهو بيانيو پڻ پيش ڪيو پيو وڃي ته چين پاڪستان جي زميني رستن ذريعي ايران کي ميزائل فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن سبب پاڪستان لاءِ ايندڙ 10 ڏينهن انتهائي حساس ٿي ويا آهن، جتي ان کي سعودي اتحاد ۽ ايران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي وچ ۾ فيصلو ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.

هوڏانهن جنگ جو دائرو روايتي عسڪري هدفن کان نڪري شهري هنڌن تائين پکڙجندو نظر پيو اچي، اخلاقي حدون تيزي سان ختم ٿي رهيون آهن ۽ پاڻي مرڪزن ۽ بجلي گهرن جهڙي بنيادي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جي حڪمت عملي اختيار پئي وڃي ته جيئن عوامي دٻاءُ وڌايو وڃي، جنهن جي هڪ جهلڪ قشم جزيري تي هڪ عام شهري ڪٽنب کي مارڻ جي صورت ۾ سامهون اچي چڪي آهي. جيڪڏهن اهو ئي رجحاڻ جاري رهيو ته هڪ وڏي انساني الميي جو خدشو وڌي ويندو.

هن سڄي منظرنامي ۾ ايران کي هڪ اهم اسٽريٽجڪ ڪردار طور ڏٺو پيو وڃي، جتي ڪجهه تجزيا نگار ان کي پاڪستان ۽ ترڪيه لاءِ هڪ بفر يا بچاءَ واري آخري ڀت قرار ڏئي رهيا آهن، انهن موجب ايران هن وقت وچ اوڀر ۾ ’آخري بيٺل ڌر‘ (Last Man Standing) آهي ۽ جيڪڏهن ان جي طاقت کي ٽوڙيو ويو يا ان کي اندروني طور ورهايو ويو ته ايندڙ هدف پاڪستان ۽ ترڪيه ٿي سگهن ٿا، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته هاڻوڪي ڇڪتاڻ اصل ۾ هڪ وڏي پيماني واري علائقائي يا ايتري تائين جو عالمي ٽڪراءَ وڏي واعقي جو اشارو آهي.

گڏيل طور خطي جي حڪمت عملي يا رٿابندي تي مهرا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اچي چڪا آهن ۽ سفارتڪاري جو وقت ختم ٿيندو محسوس ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ايندڙ 10 ڏينهن هڪ فيصلائتو مرحلو ثابت ٿي سگهن ٿا جتي اهو طئي ٿيندو ته ڇا مسلم دنيا جون طاقتون ڪنهن گڏيل حڪمت عملي ذريعي هن بحران کي روڪي سگهنديون يا اهي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪيون آهن جتان نڪرڻ ممڪن ناهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو ئي آهي ته ڇا دنيا ڄاڻي واڻي اهڙي تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي جنهن جو نتيجو عالمي يا ايٽمي جنگ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.

You might also like