آمريڪا-ايران ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري موجب، برينٽ خام تيل جي قيمت 1.29 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 89.45 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي.

آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل به 56 سينٽ، يعني 0.66 سيڪڙو سستو ٿيڻ کانپوءِ 83.90 ڊالر في بيرل تي واپار ٿي رهيو آهي.

رپورٽ موجب، وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جي شدت باوجود تيل کڻي ويندڙ جهازن جي اچ وڃ جاري رهڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي.

ان کان اڳ گذريل واپاري سيشن دوران جنگي صورتحال سبب خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان واڌ ڏٺي وئي هئي، جنهن دوران برينٽ خام تيل 7.91 سيڪڙو ۽ ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ 6.56 سيڪڙو واڌ سان بند ٿيو هو.

اهو اضافو اڱاري ڏينهن جنگ ۾ ٿوري وقفي کانپوءِ ايندڙ لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو گهٽتائي کان پوءِ رڪارڊ ڪيو ويو هو.

You might also like