پاڪ بحريه جي جنگي ٻيڙي پي اين ايس تيمور ڪامياب ريسڪيو آپريشن ڪندي سمنڊ ۾ ڦاٿل مهاڻن جي ٻيڙي کي بچائي ورتو.
پاڪ بحريه موجب، اتر عربي سمنڊ ۾ ڪيل ريسڪيو آپريشن دوران 19 مهاڻن کي محفوظ طور بچايو ويو.
مهاڻن جي ٻيڙي گوادر کان لڳ ڀڳ 120 ناٽيڪل ميل ڏکڻ طرف انجڻ ۾ خرابي سبب سمنڊ ۾ ڦاسي پئي هئي. ٻيڙي ۾ 11 پاڪستاني ۽ 8 ايراني شهري سميت ڪل 19 ماڻهو سوار هئا.
جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن لاءِ پاڪ بحريه سان رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ پي اين ايس تيمور فوري طور امدادي ڪارروائي شروع ڪئي.
پاڪ بحريه جي اهلڪارن ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن کي خوراڪ، پيئڻ جو پاڻي ۽ طبي امداد فراهم ڪئي.
انکانپوءِ انجڻ جي خرابي سبب بيهجي ويل ٻيڙي کي به محفوظ نموني ڪناري تائين پهچايو ويو.