پاڪستان کي صوبن ۾ وسيلن جي ورڇ واري نظام تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي: يو اين ڊي پي جي خبردار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي ترقياتي پاليسين ۽ انهن تي هيٺين سطح تائين اثرائتي عملدرآمد جي وچ ۾ وڏي وٿي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

منصوبه بندي واري وزارت ۾ ”هڪ قوم جي تبديليءَ جو موڙ: پاڪستان جي آبادي ۽ ترقي“ جي عنوان هيٺ اسٽريٽجڪ ڊائلاگ ۽ ڊولپمينٽ ايڊووڪيٽ پاڪستان جي پنجاهين ڇاپي جي مهورتي تقريب ڪوٺائي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته پاڪستان پنهنجي ترقياتي تاريخ جي هڪ اهم ۽ فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.

ان موقعي تي يو اين ڊي پي خبردار ڪيو ته ملڪ ۾ ترقياتي پاليسيون ته تيار ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن تي هيٺين سطح تائين مؤثر نموني عملدرآمد نه ٿيڻ سبب وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي.

يو اين ڊي پي وڌيڪ چيو ته صوبن ۾ وسيلن جي ورهاست لاءِ موجود نظام تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيئن رڳو آبادي کي بنياد بڻائڻ بدران ترقياتي ڪارڪردگي ۽ ٻين اهم عنصرن کي به وسيلن جي ورهاست ۾ اهميت ڏني وڃي.

You might also like