ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ نجي اسڪولن کي پهرين آگسٽ کان هفتي ۾ 6 ڏينهن کليل رکڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.
تعليم کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سنڌ جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ پهرين آگسٽ کان هفتي جا 6 ڏينهن تدريسي سرگرميون جاري رهنديون.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پهرين آگسٽ کان سڄي صوبي جي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ سومر کان ڇنڇر تائين باقاعدي طور ڪلاس هلايا ويندا.